SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ميليئاني مُباحثو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ميليئاني مُباحثو

Melian Dialogue

ميليئن ڊائلاگ

قديم يونان جي تاريخدان، جنگي علمن جي ماهر ۽ سياسي مُفڪر ”ٿيوسيڊائيڊس“ جي ڪتاب ”هسٽري آف پيلوپونيشين وارس“ (431 کان 404 ق.م) ۾، يونان منجهه طاقت جي زور تي ڪيل سياست ۽ يوناني پاڙيسري قبيلن جي پاڻ ۾ ڪيل جهيڙن جا منفرد قصا بيان ٿيل آهن. ڪتاب ۾ يوناني رياست اسپارٽا جي ماتحت قبيلي طرفان ايٿنز رياست جي حڪومت سان گڏجي، اسپارٽا جي شهري رياست خلاف وڙهڻ کان انڪار ڪرڻ تي، ايٿنز جو سفير چئي ٿو: ”انصاف جي تقاضا اها آهي ته جنهن ۾ جيتري طاقت آهي، اهو پنهنجي طاقت لڳائي مخالف کي چِت ٿيڻ تي مجبور ڪري. ان کان پوءِ ڪمزور ڌُر کي طاقتور ڌُر وٽان جيڪي ڪجهه ملي، ان کي قبول ڪرڻو آهي.“ جنگ ۾ ڌُر ٿيڻ تي ميليئان ، قبيلي جي انڪار ڪرڻ سبب ايٿينز جي حڪومت ”ميليئان“ رياست جا سڀ جوان ۽ ويڙهه جي صلاحيت رکندڙ مرد مارائي ڇڏيا ۽ سندن عورتون ۽ ٻار غلام بڻائي کپائي ڇڏيا. انهيءَ تي ايٿنز جي حڪومت جو هڪ سفارتڪار چئي ٿو: ”اهو قانون (طاقتور هيڻي تي حاوي رهندو) اسان جو ٿاڦيل نه پر پُراڻي جُڳ کان هلندو اچي ٿو ۽ اسان ڪي پهريان انسان نه آهيون، جن اهو قانون عملي طور استعمال ڪيو هجي. انهيءَ قانون کي اسان کان پوءِ ايندڙ قومون به استعمال ڪنديون.“ بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ هنن مختصر مڪالمن جي اهميت هر دور ۾ ٿيندڙ علمي بحث مباحثي جو مرڪزي نُڪتو رهي آهي. بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن تبديل ٿيل نئين دور ۾ وڏي ڪوشش ڪئي آهي ته: ”ڏاڍو هيڻي تي سدائين حاوي رهندو.“ واري اصول کي، نئين عالمي سرشتي مان ٻاهر ڪڍي، برابري جي بنياد تي نئين دنيا اڏجي، پر اڃا ڪا به خاطر خواهه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. هزارين سال گُذرڻ باوجود، دُنيا اڄ به طاقت جي بُنياد تي رياست جو بين الاقوامي تعلقات ۾ مقام طئي ڪري رهي آهي


Remember Me Also:

سڪر سڻائي ٿيڻ

سَسُتائِي ٿيڻ ، سَهانگائي ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal